اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ (پي سي بي) جي چي??رم??ن محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت کي خدشا آهن ته آگاهه ڪري اسان ختم ڪنداسين پر چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چي??رم??ن محسن نقوي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ڪرائينداسين، اسان آءِ سي سي کي خط لکيو هو، ان جي جواب جو انتظار آهي?? آءِ سي سي کي پنهنجي ساک جي باري ۾ پاڻ سوچڻو پوندو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ??ي ??ني?? جي واحد مضبوط باڊي آهي. هن چيو ته هاڻ به چيمپئنز ٽرافي جي باري ۾ سُٺي اميد رکان ٿو، راند ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن، ڪنهن به ملڪ کي سياست کي وچ ۾ نه آڻڻ گهرجي، منهنجو ناهي خيال ته ڪوبه اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو، ڀارت کان عل??وه سموريون ٽيمون پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهن، ڀارت کي ڪا ڳڻتي آهي ته اسان سان ڳالهائي اسان دُور ڪنداسين. چي??رم??ن چيو ته چيمپئنز ٽرافي تائين عاقب جاويد کي هيڊ ڪوچ طور فرض انجام ڏيڻ جي گذارش ڪئي آهي. عاقب جاويد وقتي طور تي هيڊ ڪوچ هوندو. اسان هيڊ ڪوچ لاءِ پنهنجو پراسز شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، عاقب جاويد چيمپئنز ٽرافي تائين وائيٽ ??ال ڪرڪيٽ لاءِ هيڊ ڪوچ هوندو.
چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، ڀارت کي خدشا آهن ته آگاهه ڪري ختم ڪنداسين: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل