اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معيشت ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪيترائي مثبت اشارا ۽ موقعا ملي رهيا آهن، انهن مان فائدو کڻڻ جو دارومدار اسان تي آهي، پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سان قرضن جي ڪاٿي ۾ به وڏي گهٽتائي ايندي، پاور سيڪٽر ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هڪ وڏو ”ونٽر پئڪيج“ آندو پيو وڃي، معيشت کي ترقي ڏئي روزگار، روان??ي واپار وڌائڻو آهي ۽ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، منهنجي دوري جي ڏس ۾ پاڪستاني وفد سعودي عرب رو??نو ٿي ??يو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائين??ي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مرڪزي بئنڪ گذريل ڏينهن پاليسي ريٽ ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، ان سان اسان جو پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي ??يو آهي، اهو ڪاروبار، صنعتن، زراعت، روان??ي واپار ۽ واپار جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي اڪائونٽس مان پئسا ڪڍي سيڙپڪاري ڪندا جنهن سان روزگار، پيداوار ۽ روان??ي واپار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، اهڙي طرح اڳتي وڌندا رهياسين ته اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي ۽ تيزي سان ترقي ڪندي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ پاڪستان جو وفد سندس سعودي عرب جي دوري جي ڏس ۾ رو??نو ٿي ??يو آهي. ڀائر ملڪن سعودي عرب ۽ قطر جو دورو انتهائي مفيد ۽ تعميري رهيو. سعو??ي ولي عهد ملاقات ۾ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي تيزي سان فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو هو. ڪالهه انهي جي روشني ۾ اسان اڳڀرائي ڪندي پنهنجو وفد سعودي عرب موڪليو آهي، ان دوري جي دوران شمسي توانائي، هنرمند افرادي قوت، کاڻين جي کوٽائي جي شعبن سان لاڳاپيل معاملا غور هيٺ ايندا. وزيراعظم چيو ته هنرمند نوجوانن جي سعودي عرب ۽ قطر ۾ وڏي گهرج آهي، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڏي کپت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ٽي جي وزارت ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪم ڪندي ۽ نوجوانن کي ڀرپور موقعا ملندا. وزيراعظم چيو ته بزنس ٽو بزنس معاهدن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اسان کي ان سلسلي ۾ تيزي سان ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان سان 2 ارب ڊالر جي مفاهمت جي يادداشتن تي اڳتي وڌڻ جو وقت به اچي ??يو آهي. آذربائيجان جي صدر اڳڀرائي جو پيغام موڪليو آهي، ان تي اسان جلد عملدرآمد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته معيشت ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تمام گهڻا مثبت اشارا ملي رهيا آهن، هاڻي اهو اسان تي آهي ته دستياب مو??عن مان ڪيترو فائدو کڻون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان قرضن جي ڪاٿي ۾ 1300 ارب رپيا گهٽتائي ايندي ۽ ايندڙ وقتن ۾ مالياتي گنجائش ملندي. قدم سان قدم ملائي محنت ڪنداسين ته پاڪستان کي ڪاميابي ضرور ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري ماڻهن جي عزت ۽ تڪريم ڪئي وڃي ۽ ان جو حوصلو وڌايو وڃي، ان سان معيشت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاور سيڪٽر ۾ ”ونٽر پئڪيج“ آندو پيو وڃي. عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻو آهي ۽ معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي. روزگار جي مو??عن ۽ روان??ي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي. پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي. اهو ڏکيو ۽ ڊگهو سفر آهي پر اهي ئي قومون اڳتي وڌنديون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنديون آهن جيڪي فيصلو ڪري ڇڏين ته جيڪي به حالتون هجن اسان انهن کي منهن ڏينداسين. پوءِ الله تعاليٰ به ڪاميابي عطا ڪري ٿو.
معيشت ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪيترائي مثبت اشارا ۽ موقعا ملي رهيا آهن، انهن مان فائدو کڻڻ جو دارومدار اسان تي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج