اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پي??رز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي ايم) جي اجلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀر??و. ??ن موقعي تي بنهي اڳواڻن گڏيل مفادن لاءِ سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پي??رز ٻه طرفا واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ?? عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي توثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل وراثت ۽ گڏيل اخلاقيات ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اثرائتي گهڻ رخي، جمهوري ۽ انساني عزت ۽ وقار کي هٿي ڏيڻ ۾ گ??يل مفاد رکن ٿا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا