نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏ??ڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت ۽ خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ??مي??اري تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهري لاڳاپن جي فروغ ??ي زور ڏنو. وزيراعظم مالديپ سان واپار، سياحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ موس??يا??ي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏ??ڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ??مي??اري تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مالديپ جي صدر سان ملاقات، خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena