اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽرين کي پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي ??تفاق ڪرڻ ??هرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايوان جو ماحول سٺو آهي، الله ڪري ته ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي. ا??ان بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، اسحاق ڊار، بئريسٽر گوهر، مصطفيٰ ڪمال، محمود خان اچڪزئي ۽ عاطف خان جا ٿورائتو آهيون، اسان کي وسارڻ ??هرجي ته ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي، ا??ان جي ليڊرشپ چاهي پاڻ ۾ گڏجي ويهي يا نه ويهي پر ڇا ا??ان جا پارليامينٽرين پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي ??تفاق نٿا ڪري سگهون، ڇا ا??ان بهتري طرف نٿا وڃي سگهون. هن چيو ته اسان کي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن جي ڳالهه ٻاهر وڃي ڪرڻ بدران هن ايوان ۾ ڪرڻ ??هرجي، پر آئين جي دائري ڪار ۾ رهندي ڳالهه ڪرڻ ??هرجي، جڏهن چيف وهپس جي گڏجاڻي ٿي هئي ان ۾ چيو ويو هو ته حڪومتي ??تحاد کي وڌيڪ وقت ملڻ گهرجي پر رڪارڊ مان ثابت ٿيو آهي ته ا??ان مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر هتي نه ڳالهائيندي ته ڪٿي ڳالهائيندي؟ مون پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، مون قومي اسيمبلي ۾ مٿان قدم کنيا آهن، سيڪيورٽي جي ذميواري سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ ان ??ان گڏ موجود اهلڪارن جي هئي جنهن تي کين معطل ڪيو ويو، سي ڊي اي جي اسٽاف کي معطل ڪيو ويو ۽ کين هتان کان ٽرانسفر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته 17 ڊسمبر 2018ع تي ??ٽارني جنرل جي آفيس مان خواجه سعد رفيق جي حوالي ??ان هڪ خط اسان کي مليو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پروڊڪشن آرڊرز جاري نٿا ٿي سگهن، اهڙي طرح 22 جون 2019ع ۽ 6 آگسٽ 2019ع تي ??ه اسان کي انهي نوعيت جا خط مليا هئا. هن چيو ته غلط شيءَ ڪنهن شيءَ کي درست نٿي ڪري سگهي، جيڪو به مناسب هوندو مان پنهنجي ذميواري پوري ڪندس ۽ ان واقعي جي تهه تائين پهچي ويندس. هن چيو ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهين کي اسپيڪر ??ان گڏجي ويهڻ گهرجي.
ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ٿيڻ گهرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ