اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سندن غم ۾ برابر ??و شريڪ آهيان، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ت?? قدرتي آفتون هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪري سگه??ي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙا چئلينجز سامهون ??هن، برسات دوران ماڻهن کي احتياطي تدبيرون ??ختيار ڪرڻ گهرجن.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب