اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پ??ڪس??ان زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فو?? سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فو?? سيڪيورٽي قوم?? سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ استحڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پ??ڪس??ان ايٽمي پروگرام ۾ مع??زو ڪري ڏيکاريو هو ته هاڻي مع??شي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ايٽمي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي استحڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي حاصل ٿي، هن و??ت اسان جنهن هنڌ موجود آهيون اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا شاندار پلان ٺاهي پر اه?? سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024ع جي پنج سالا ترقياتي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غلطي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چيو ته اسان و?? سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عمل ڪري علم ۽ عمل جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ هز??ر زرعي ماهرن کي وزيراعظم جي هدايت تي زراعت جي جديد طريقن ۾ عملي تربيت لاءِ چين موڪليو پيووڃي.
ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق