اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ناليوارين علماءِ و مشائخ جو عظيم الشان قومي علماءِ ڪنوينشن، ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي عالم سڳورن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ويو ته اهي بنيادي اسلامي قدرن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ا??ا ڪن. تقري?? جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ا??زازي مهمان هو. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلام ام?? جو مذهب آهي ۽ امن اسلام جو بنياد آهي، اهو اسان کي گڏيل بقاءَ جو درس ڏي ٿو نه ڪي ڇڪتاڻ جو، اسان کي انهن اسلامي قدرن کي مضبوطي سان برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان محبت، همدرديء?? ۽ ??بوليت جي اصولن تي قائم آهي. مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ نسلن تي ٻڌل اسا?? جو تنوع اسان جي طاقت آهي، اچو اسان پنهنجي اختلاف?? جو ادراڪ ڪريون ۽ پنهنجي منفرد سڃاڻپ جو جشن ملهايون. وزيراعظم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏي قرباني ڏئي قوم جي حفاظت جي لاءِ روزانو پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا، اسان پنهنجي شهيدن جي قرباني?? جو احترام ڪريون ٿا جن ملڪ جي دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. وزيراعظم عالمن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ته اهي بنيادي اسلامي قدرن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ا??ا ڪن. هن نوجوانن کي قرآن ۽ سنت جي تفهيم ۽ ڪردارسازي سان گڏوگڏ تعليم ۽ فني مهارتن طرف رهنمائي ڪرڻ ۾ عالمن ۽ مشائخ جي ڪردار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. فورم متفقه طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خلاف جاري ظلمن ۽ غزه ۾ جاري غيرانساني تڪرار تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهه قرار ڏنو.
قومي علماءِ ڪنوينشن پاران معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ