اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي مشروط معافي جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ هن چيو ته 9 مئي تي ڪ??ر ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پا??ٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پا??ٽي جي ماڻهن چيو ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌري چيو ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳلي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي ڪا مشروط معا??ي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.
9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي: طلال چوڌري
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری