لاهور – 16 – جولائي (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ??ار چيو آهي ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اڃا تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، ان معاملي تي اتحادين سان مشاورت ڪنداسين جنهن کانپوءِ فيصلو قانون ۽ آئين موجب ڪ??و ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ داتا دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نا??ب وزيراعظم ۽ سينيٽر اسحاق ??ار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاران دل جي گهرائين سان داتار دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي اسحاق ??ار کي داتا دربار جي ڪجهه تعميرات ۽ بلال گنج پاران ڪئي ويندڙ توسيع جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن بريفنگ ڏني. اسحاق ??ار نيسپاڪ کي هدايت ڪئي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي داتا دربار توسيع منصوبي کي مڪمل ڪ??و وڃي. هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ان پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. نا??ب وزيراعظم چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت مهانگائي ناهي آندي، پاڪستان کي ا?? وقت ياد ڪريو جڏهن محمد نواز شريف کي ڪڍي ملڪ جي حالت خراب ڪئي وئي. اسحاق ??ار چيو ته جيڪي اڳ ۾ اقتدار ۾ آيا اهي ملڪ کي 6 کان 7 مه??نن ۾ ڊيفالٽ ڪري هليا ويا. اسحاق ??ار چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ملڪي معيشت 24 هين کان 47 هين نمبر تي پهچي وئي. هن چيو ته (ن) ليگ کي حڪومت جو شوق نه هو جيڪڏهن اقتدار ۾ نه اچون ها ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي ها، اسحاق ??ار چيو ته اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ جي خلاف اليڪشن ڪميشن وٽ فارن فنڊنگ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اسان باني پي ٽي آءِ وانگر صبح شام ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي نيب کي نه ٿا گهرايون، اسان کي ملڪي سلامتي سڀ کان وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي جڏهن ته قومي سالامتي جي خلاف ڪا ڳالهه نه ٻڌنداسين. اسحاق ??ار چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته داتا صاحب جي دعائن سان پاڪستان جو ڪير ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، پاڪستان معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان ٻيهر ترقي ڪندو جڏهن ته ملڪ کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق ۽ بلال ياسين سميت اوقاف کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری