اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بري امام جي عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪ??ڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مخت??ف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پ??نڌ??ئڙن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظامن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، اڳوڻي ايم اين اي حنيف عباسي، جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، سهيل اقبال ڀٽي، گوهر زاهد ملڪ، انعام رباني، محسن رضا نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي حوالي سان انتظامن جو جائز?? ورتو ويو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪيا وڃن. هن عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت پ??نڌ??ئڙن لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪامپليڪس ۾ خاص انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي ۽ چيو ته تقريبن جي دوران پ??نڌ??ئڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه اچڻ گهرجي. اجلاس ۾ عرس جي انتظامن جي سلسلي ۾ خصوصي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي جنهن ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻيا عملدار شامل هوندا.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظام واري ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ