شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، ٻيلن کي باهه لڳڻ کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي سان ڳرندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر ??رپيش آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت زمين جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي، حياتياتي واڌويجهه جي ??قص??ن ۽ آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏيل ذميواري کي تسليم ڪري ٿو، موسمياتي تبديلي جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ٻيلن جي باهه کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر ??رپيش آهن. هن چيو ته هلندڙ سال جي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”زمين جي بحالي، برپٽ ۾ واڌ جي مسئلي ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ“ آهي ۽ هي ڏينهن اسان کي ان وڏي چئلينج جي ياد ڏياري ٿو جيڪو اربين هيڪٽر زمين جي حوالي سان درپيش آهي جنهن سان دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي متاثر ٿي رهي آهي ۽ عالمي جي ڊي پي جو اڌ خطري ۾ ورتل آهي، ڳوٺاڻا علائقا، ننڍا آباد??ار ۽ انتهائي غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ??هن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، گرين پاڪستان پروگرام، ليونگ انڊس انيشي ايٽو، نيشنل ايڊاپٽيشن پلان جهڙن قدمن، ٻيلن جي واڍيءَ، حياتياتي واڌويجهه جي ??قص??ن جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي جي لاءِ اسان جي عزم کي واضح ڪن ٿا. هن چيو ته ڪوپ – 27 دوران پاڪستان جي موسمياتي سفارتڪاري جي ڪوششن خاص طور تي ??قص??ن ۽ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو ۽ عالمي ماهرن ان کي مثبت قرار ڏنو. هن چيو ته م??ڪ جي اندر پاڪستان جي آءِ زيڊ، پاٿ ويز 2050 پليٽ فارم، يو اين ڊي پي ۽ عالمي بئنڪ جي مدد سان پائي??ار ڊگهي مدي واري گهٽ ڪاربن ترقياتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهي. ان سان گڏوگڏ وڻڪاري جي مضبوط پروگرامن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ريچارج پاڪستان، جي ايل او ايف ۽ پائي??ار لينڊ مئنيجمينٽ پروگرام (ايس ايل ايم پي) جهڙا قدم پائي??ار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۽ زمين جي ڪٽاءُ جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا، زميني ڏڪا??، ريگستان جي ڦهلاءُ ۽ پاڻي جي کوٽ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي باوجود پاڪستان جديد طريقن ۽ گڏيل حصيداري جي ذريعي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثابت قدم آهي. وزيراعظم چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي پنهنجي زمينن کي بحال ڪرڻ، سوڪهڙي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ برپٽ ۾ واڌ کي روڪڻ جي لاءِ عالمي تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ سڀني جي بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪر??ار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ