اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بلوچستان ۾ منشيات جي ??اتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ڪارڊ هولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي ??نصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ??فارش تي بلوچستان صوبي ۾ منشيات جي ??اتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ هڪ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان خصوصي عدالت جو دائره اختيار ضلعي پنجگور، ڪيچ، گوادر، حب ۽ لسٻيلا تائين هوندو. ڪابينا هدايت ڪئي ته خصوصي عدالت ۾ سٺي شهرت جا ج??ز مقرر ڪيا وڃن ۽ پراسيڪيوشن جي ??مل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وفاقي ڪابينا سيفران جي ??فارش تي افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشنز (پي او آر) ڪارڊز جي مدي ۾ پهرين اپريل 2024ع کان 30 جون 2024ع تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان توسيع سان پي او آر ڪارڊ هولڊرز پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا، انهن پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس ڪرڻ جي پروگرام جي ٽئين مرحلي ۾ پنهنجي وطن واپس موڪليو ويندو جڏهن ته بنا ڪنهن سڃاڻپ ڪاغذن جي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس موڪلڻ جو پهريون مرحلو جاري آهي. نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ڪابينا کي پي آءِ اي جي نجڪاري عمل تي تازي اڳڀرائي جي ??والي سان آگاهه ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان 2 اپريل تي قومي اخبارن ۾ اظهار دلچسپي جا اشتهار شايع ٿي چڪا آهن جن جي ??خري تاريخ 3 م??ي آهي ۽ هيستائين ڪيترين ئي ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي ??نصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ايوي ايشن جي ??يڪريٽري ڪابينا کي پاڪستان جي هوائي اڏن خاص طور تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ سهولتن جي ??هتري جي ??ازي قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هوائي اڏن تي سروس ڪائونٽرز ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ سهولتن جي وڌيڪ بهتري تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زراعت جي ??عبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي ??ي استعمال لاءِ سمورين ڌرين سان ڊرون پاليسي جي ??والي سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي پي) جي ??ورڊ جي چار ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 اپريل 2024ع جي ??جلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا بلوچستان ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania