اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، وڪيل برادري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري پئي سگهياسين ڪيو، وڪيل برادري منهنجي دل جي ويجهو آهي. هڪ مقامي هوٽل ۾ وڪيل اڳواڻن طرفان ڏنل سندس اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ خيالن جو اظه??ر ڪندي ??يو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر احسن ڀون، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان ۽ پنجاب ب??ر ڪائونسل جي عهديدارن، پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ مختلف بار ايسو سي ايشنز جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته مان ٽيم ورڪ تي يقين رکان ٿو ۽ ٽيم ورڪ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي وڪيل برادري وفاقي وز??رت جو منصب سنڀالڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو. وڪيل برادري جي ڀلائي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪرڻ تي محسن نقوي جا ٿورا پڻ مڃيا.
الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania