اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. ??گر??ن وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنه??جي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنه??جي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنه??جي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آه??، اسان شهيدن جي قربانين ۽ ا??هن جي خاندانن جا قرضي آهيو??، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جي??و ننڍڙو نذرانو اسان پيش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ ا??هن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنه??جي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.
شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس