اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪس??ان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪس??ان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، م??هنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، م??ن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪس??ان جي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو?? قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو و??و ۽ فيصلو ڪيو و??و ته هي خط پاڪس??ان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڏنو و??و هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو و??و آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪس??ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪس??ان کي معاف ڪيو و??ندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪس??ان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، م??ن جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں