اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ??ابر اعواڻ چيو آهي، ته ڊپٽي اس??يڪر جي رولنگ لاءِ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي اعليٰ عدالت ۾ آئين ۽ قانون موجب دليل ڏيندس. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ??اڻايل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي کان اڳ صحافين سان ??الهائيندي ڪيو. بابر اعواڻ چيو ته ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ رستو ??جويز هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي وڪيلن دليل ڏيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳايا آهن، اسان ??هٽ وقت لڳائينداسين، اسان جا دليل آئين ۽ قانون موجب هوندا. هن چيو ته اڃا آرٽيڪل 63 (اي) جي تشريح جي حوالي سان به فيصلو اچڻو باقي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری