اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”علم جو اسلامي تصور ۽ تسخير ڪائنات“ جي موضوع تي جمعي جو ??طب?? سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر محي الدين هاشمي ??طب?? ڏنو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جا عملدار ۽ عملي جي ميمبر به ان موقعي تي موجود هئا. ڊاڪٽر محي الدين هاشمي پنهنجي ??طب?? ۾ اسلامي تعليمات موجب علم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته حضور صلي الله عليه وآله وسم تي نازل ٿيندڙ پهرين وحي ۾ علم جو ذڪر آيو، ان سان علم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هن چيو ته علم جي اهم قسم مشاهدو ۽ ٻي قسم تحقيق ۽ جستجو مان حاصل ٿيندي، موجوده ذخيره علم ۾ اضافو تحقيق چورائيندو آهي ۽ انهي جي بنياد تي انسان ترقي ڪئي آهي، هن چيو ته علم ۽ تحقيق ترقي يافته ??لڪ?? جي صفت آهي ۽ انهن ??لڪ?? ان تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته مسلمان امت ۾ تحقيق جا روشن مثال موجود آهن. اسلام دنيا کي آخرت جي کيتي چيو آهي، ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، علم ڪنهن هڪ قوم جي جاگير نه آهي پر پوري انسانيت جي ميراث آهي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي. واضح رهي ته صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ا??وان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو ??طب?? سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن