اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ??اڪ??ر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري ??سي?? ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مق??د افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مق??د افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري ??سي?? ابراهيم طحه چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مق??د افغان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.
افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر/حسين ابراهيم طلحهٰ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی