اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي ع??ب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماح??لي??تي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان ??چ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماح??لي??تي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماح??لي??تي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. ??چ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سعودي ع??ب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ??عاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي ع??ب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي ع??ب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.
وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم