دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ??ئي. صدر چيو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان ملاقات ??ئي. ان موقعي تي صدر چيو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي تحت ون ونڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي، سهولت فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالمي معيار جي ڊيجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ??ئي. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪرن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آهي، ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ شا??ل ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ س??ڙپڪاري سان ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪمپنيون مختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ س??ڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپيٽل پارٽنرز جو باني مارڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شا??ل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شيخ احمد المڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي ماسٽر ڪارڊ جي ڊويزن صدر خالد الجبيلي پڻ صدر سان ملاقات ??ئي. بعد ۾ ماسٽر ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز ??ي سي فنڊز سان گڏ پاڪستان جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. گليڪسي ريسر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽر ڪارڊ پاڪستان ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي صحيحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽر ڪارڊ پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia