اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ روزگار جي لاءِ پورهيتن ۽ افراد?? قوت جي صنعتن تائين ??سان پهچ حڪومت جي اولين ??رجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪراچي جي ترقي جي لاءِ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ جي منظوري جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران جي سڀ کان وڏي شهر ۾ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتون ملڪ جي اقتصادي مرڪز ڪراچي کي نظرانداز ڪنديون رهيون. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ روزگار جي لاءِ پورهيتن ۽ افراد?? قوت جي صنعتن تائين ??سان پهچ حڪومت جي اولين ??رجيحن مان هڪ آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج