اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته شفافيت ۽ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ جي لاءِ گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جو معاملو سپريم ڪورٽ جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت پنهنجي هر فيصلي ۾ قانون، عوامي مفاد ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکندي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 800 ارب رپين جو اضافو متوقع آهي، حڪومتي قدمن سان ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچايو ويو آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي ج?? مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، حڪومتي قدمن ۽ پاليسي?? جي ڪري پهريون ڀيرو واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وز??ر خسرو بختيار، توانائي وارو وز??ر عمر ايوب، وز??راعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وز??راعظم جو پيٽروليم بابت خصوصي معاون نديم بابر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ايف بي آر چيئرمين سيد شبر زيدي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.
جي آءِ ڊي سي معاملو سپريم ڪورٽ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: عبدالحفيظ شيخ
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا