بغداد-23 نومبر(اي پي پي) عراق پنهنجي سر زمين تي آمريڪي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جن ۾ ايران جي حمايت يافته گروپن کي نشانو بڻايو ويو آهي جن کي ??مريڪا پنهنجي فوج تي حملي جو ذميوار قرار ڏنو آهي، ميڊيا رپورٽن م??جب عراقي حڪومت جي ترجمان باسم العوادي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا مقامي حڪومتي ادارن کي ٻڌائڻ کانسواءِ گذريل ٻن ڏينهن کان اسان جي سرزمين تي حملا ڪيا آهن جيڪي اسان جي خودمختياري جي خلاف آهن، هن ايران جي حمايت يافته گروپن تي پڻ تنقيد ڪئي جن جي باري ۾ پينٽاگون جو چوڻ آهي ته 17 آڪٽوبر کان عراق ۾ آمريڪي ??دف تي گهٽ ۾ گهٽ 32 حملا ڪيا آهن، ترجمان عراق ۾ بمباري کي ??مريڪي فوج جي مشاورتي ڪردار جي ابتڙ قرار ڏيندي ان جي شديد مذمت ڪئي ، واضع رهي ته ان آمريڪي حملي ۾ عسڪري مليشيا جا 08 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل