رياض -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت مسجد اقصيٰ ۾ قابض اسرائيلي فوج جي سرپرستي ۾ هڪ انتهاپسند گروهه طرفان لڳاتار شر انگيز ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي آهي، سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ اسرائيل جي اختيارين طرفان ڪيل اهڙن قدمن تي افسوس جو اظهار ڪيو، جيڪي امن قائم ڪرڻ لاءِ عا??مي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ مذهبي تقدس جي احترام بابت عا??مي اصولن ۽ قدرن جي ابتڙ آهن. پرڏيهي وزارت فلسطين جي عوام جي حمايت ۽ فلسطين جي علائقن تي اسرائيل جو قبضو ختم ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي حوالي سان سعودي عرب جي ٺوس موقف جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil