اسلام آب??د-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري ??فاقي وزير پير نورالحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر ج??اب??ارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري رياست ۽ پاڪستاني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي مذمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هر پ??ڏي??ي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل سازش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب ج?? سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب