اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ??وجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان ??وجوانن جي ان ??ڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان انهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ م??بت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان ??وجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪامياب جوان ??روگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان ??ٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان ??وازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان ??روگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان ??رڪز ??ائ?? ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪامياب جوان انوويشن ليگ، ڪامياب جوان ??يلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪامياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي اع??يٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری