اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي تازي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته اها رپورٽ عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام ۽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌ??و آهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ماحول ۾ بهتري آئي ۽ پاڪستان بابت عالمي سوچ منفي 10 سيڪڙو مان نڪري 31 سيڪڙو مثبت تي اچي وئي آهي جيڪا انتهائي خوش آئنده آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا وڌيا آهن، پاڪستان جي مينوفيچرنگ سيڪٽر جي گروٿ 2 سيڪڙو مان 6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جڏهن ته س??وس?? سيڪٽر جي گروٿ 7 سيڪڙو مان وڌي 30 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪا هڪ نمايان ڪاميابي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ته سيمنٽ، آٽو سيڪٽر، فرٽيلائيزرز ۽ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ نمايان اض??فو ڏٺو و??و آهي. وزيراعظم رپورٽ جي ن??يجن کي عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام قرار ڏيندي چيو ته رپورٽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ روانگي واپار ۽ رڪارڊ مٽاسٽا جي ن??ڻي جي ڪري ملڪي پرڏيهي ن??ڻي جي ذخيرن ۾ اض??فو ٿيو. وزيراعظم عوام کي ريليف جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين ۽ معاشي ٽيم جي محنت جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن.
وزيراعظم پاران او آءِ سي سي آءِ جي تازي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز