اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بي??اروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بي??اروس جي صدر جو استقب??ل ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بي??اروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بي??اروس جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بي??اروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بي??اروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بي??اروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن ??هت?? هو. وفد ۾ بي??اروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بي??اروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.
بيلاروس جو صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال سندس استقبال ڪيو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز