اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکن??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ??هڙي ۾ اسان ڪشميري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين ج??ڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ اهڙي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ڪشميري ٻارن کي درپيش صدما تمام گهڻا آهن، ????ڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، ??نهن جي خراب حالت عالمي ڌيان جي مستحق آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو مطالبو ڪري.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری