اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري ??يڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي پذيرائي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سا?? عوام سان ڪيل وچن جي پاسداري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻهو کي ??يل??ف ملندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ پڻ لاڳيتو گهٽتائي سا?? عوام کي ??يل??ف ملي رهيو آهي. هن چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پهرين ڏينهن کا?? عوامي ??يل??ف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري ??وم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري ??شڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لاڳاپا مضبوط ۽ عام ماڻهو جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جاري ??يڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.
آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ