اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي سالگرهه تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد واري پيغام ۽ نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ص??ر شي جن پنگ پاران منهنجي سالگرهه جي موقعي تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ان خيرسگالي جي جذبي جي لاءِ سندس ٿورائتو آهيان جيڪو پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي مضبوط رشتي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي گڏيل مستقبل س??ن هڪ خوشحال پاڪستان چين ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم