اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) تعليم بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ت?? اسان تي جيڪي تعليمي ذميواريون آهن انهن تي گڏجي ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن مطابق ٽيڪنالوجي جو استعمال اسانجي پهرين ترجيع آهي. جمعي ت?? ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي تعليمي بورڊ جي انت??ام هيٺ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جي نتيجن جي اعلان جي ت??ريب جو خاص مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪامياب ٿيل شاگردن جي والدين ۽ استادن کي مبارڪون ڏنيون ۽ وفاقي تعليم بورڊ کي تعليمي نتيجا وقت سر جوڙڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پاڪستان لاءِ هوا جو جهونڪو آهن . اسانجا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ س??دن اها ڪاميابي ??وم جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن خوش قسمت ملڪن ۾ شامل آ??ي جتي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آ??ي، اسانجي ملڪ جي آبادي جو 15 کان 18 ڪروڙ حصو نوجوانن تي ٻڌل آ??ي. هن چيو ته اسان کي انهن نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ انهن ئي نوجوانن جي مدد سان اسان ترقي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته نوجوان اسانجو مستقبل آ??ن ۽ اهو يقين سان چوان ٿو ته اسانجو اهو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي وڏي ت??زي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسانکي به وقت جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي جو صحيع استعمال سکڻو هوندو. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٽيڪنالوجي جو استعمال آ??ي. تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن، سندن والدين، استادن، وزارت تعليم ۽ تعليمي بورڊ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
تعليم لاءِ ٽيڪنالوجي جو استعمال پهرين ترجيع آهي: ڊاڪٽر خالد مقبول
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ