اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي 5 وفاقي وزارتن ۾ سڌارن جي لاءِ سفارشون پيش ڪيون ويون، هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ ۽ هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي سفارش ڪئ?? وئي آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مع??مل?? واري وزارت ۽ سرحدي مع??مل?? واري وزارت کي ضم ڪرڻ ۽ 5 وزارتن ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ ۽ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏن?? وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي ڍانچي جي ماپي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي مع??مل?? واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپ??ل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت جي اداراجاتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ سروسز ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا ادارا جن پبلڪ سروس جي حوالي سان ڪا خاطرخواهه ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري ۽ قومي خزاني تي بار آهن انهن کي يا ته فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا پوءِ انهن جي فوري نجڪاري جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪندڙ اداري سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي پاڻ نگراني ڪندس. هن سميڊا کي وزيراعظم آفيس تحت آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائ??ٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ، نان – ڪور سروسز ۽ عام نوعيت جي ڪمن مثال طور صفائي ۽ جينيٽورئل سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي جايون ترتيبوار ختم ڪري سگهبيون. ڪميٽي هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنسز تي ناڻي واري وزارت جي نگراني جي سفارش پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائ??ٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته ناڻي واري وزارت ٻين وفاقي وزارتن جي ڪيش بيلنسز جي نگراني ڪري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مع??مل?? واري وزارت، سرحدي مع??مل?? واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مع??مل?? واري وزارت ۽ سرحدي مع??مل?? واري وزارت کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏن?? وئي آهي. سڀ کان پهرين 5 وزارت ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏن?? وئي. انهن 5 وزارتن ۾ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏن?? وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي وڃي. هن انهن سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو ٺوس پلان پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ حڪومتي ڍانچي ماپي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس، 5 وفاقي وزارتن ۾ سڌارن ۽ هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ جي سفارش
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena