اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) مشهور براڊ ڪاسٽر،ليکڪ ۽ هدايت ڪار آغا ناصر جي ورسي 12 جولاءِ تي ملهائي ويندي،09 فيبروري 1937 ۾ ميرٺ جي فريد نگر واري علائقي ۾ پيدا ٿيل هدايتڪار آغا ناصر بي اي جو امتحان سنڌ مسلم ڪاليج مان پاس ڪي?? ۽ تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1955 ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ براڊ ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪئي ۽ بعد ?? اداري جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو. 1954 ۾ پي ٽي وي سان لاڳاپيل رهيو جتي هن هدايتڪار ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪي??،جڏهن ته آغا ناصر ڪجهه عرصي لاءِ پاڪستان ٽيليويزن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون.هن فلمن جي پڻ هدايتڪاري ڪئي،آغا ناصر هڪ بهترين ليکڪ پڻ هو،هن ڇهه ڪتاب پڻ لکيا ۽ سندس ??کيل ڪتابن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي،آغا ناصر ريڊيو پاڪستان ۾ اسٽوڊيو نمبر 9 ۽ حامد ميان ڪي يهان جڏهن ته پي ٽي وي ۾ الف نون ،تعليم بالغان جهڙا شاهڪار ڊراما پڻ لکيا،سندس ڪريئر ۾ 1970 جون عام چونڊون سڌي ريت نشر ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون،مرحوم کي سندسن خدمتن جي مڃتا طور پرائيڊ آف پرفارمنس پڻ ڏنو ويو.آغا ناصر 12 جولاءِ 2016 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس ??رسي جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن ۽ شو بز انڊسٽري جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪي??ن وينديون جن ۾ هن کي فن جي دنيا ??اءِ ڪي?? خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪي?? ويندو.
نالي واري براڊ ڪاسٽر،ليکڪ ۽ هدايت ڪار آغا ناصر جي ورسي 12 جولاءِ تي ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں