لاهور – 07 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪرپشن مافيا جي ڪري ملڪ 30 ارب جو قرضي ٿيو، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي بالادس??ي تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪرپٽ ماڻهن کي نه ڇڏينداسين، اهڙي قانونسازي ڪنداسي?? جنهن ۾ امير ۽ غريب جو فرق نه هجي ۽ اهو سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجي. هو پنهنجي لاهور جي دوري دوران علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ڀلي ڪير به هجي قانون هر هڪ لاءِ برابر آهي ان کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جڏ??ن ته عمران خان ۽ سندس ٽيم ملڪ جي دفاع ۽ ترقي جي جنگ وڙهي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará