اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ??مر???? خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ته وٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪوشش جي باوجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ان جي باوجود ??مر???? خان چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذ??ه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ طرف ته ??مر???? خان چاهي ٿو ته وزيراعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک