ٽوڪيو-18 جنوري (اي پي پي)آمريڪي سينٽرل ڪ??انڊ دعوي ڪئي آهي ته آمريڪي فوج يمن ۾ بيلسٽڪ ميزائل تباه ڪيا آهن، ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي سينٽرل ڪ??انڊ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي فوج يمني حوثين جي ڪنٽرو ل واري علائقي ۾ فائر لاءِ تيار ڪيل چئن سامونڊي جهازن کي بيلسٽڪ ميزائل جو نشانو بڻائي تباه ڪيو، آمريڪي سينٽرل ڪ??انڊ جاري بيان ۾ چيو آهي ته اهي حملا اڱاري تي ڪيا ويا،بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن حوثي ميزائلن سان خطي ۾ واپاري ۽ آمريڪي نيوي جي سامونڊي جهازن لاءِ واضع خطرو هو. رپورٽن موجب جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪاروا ين کان پوءِ حوثي هدف تي اهو ٽيون آمريڪي حملو هو. آمريڪي سينٽرل ڪ??انڊ اهو اعلان به ڪيو آهي ته ان جي سامونڊي فوج گذريل خميس تي هڪ سامونڊي جهاز کي قبضي ۾ ورتو هو جيڪو ايران مان حوثين لاءِ هٿيارن جا پرزا کڻي وڃي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن