رياض-26 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان گذريل ڏي??هن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. سعودي خابرو ايجنسيءَ مطابق شهزاده محمد بن سلمان ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي صدر عبدالفتاح السيسي کي مبارڪون ڏنيون. سعودي ولي عه?? ٽيليفونڪ رابطي ۾ مصر جي صدر ۽ پنهنجي برادر عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۽ خواهش جو اظهار ڪيو. صدر عبدالفتاح السيسي مخلصاڻن جذبن جي اظهار تي سعودي ولي عه?? جا ٿورا مڃيا. ياد رهي ته عبدالفتاح السيسي 18 ڊسمبر تي ٿيل صدار??ي اليڪشن ۾ 89.6 سيڪڙو ووٽ کڻي وڌيڪ 6 سالن لاءِ ملڪ جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو آهي. مصر جي نيشنل اليڪشن اٿارٽي ٻُڌايو آهي ته 67.3 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرز مان 66.8 ملين ووٽرز پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado