رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿيار??ند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وا??ين ڪارروائين کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فلسطين ب??بت صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌرين کي انساني حقن ب??بت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وا??ن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ??ي فوري طور روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت ب??بت ڳالهيون ڪيون. مصر جي پرڏيهي وزير ۽ اردن جي نائب وزيراعظم سان رابطي دوران غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وا??ن علائقن جي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ ??ي گهٽائن لاءِ گڏيل قدم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطي م فلسطيني اٿارٽي تي اولهندي ??ناري ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش