اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، نياڻين کي معياري ۽ هڪجهڙن تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ جامع قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. و??ير??عظم شهباز شريف نياڻين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان ملڪن جي تعليم واري وزيرن سان ملاقات جي موقعي تي انهن جي آجيان ڪندي چيو ته نياڻين جي تعليم واري پروگرام ۾ شرڪت تي اوهان جو ٿورائتو آهيان، هي ڪانفرنس وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته مون پنهنجي خطاب ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي آهي. هن چيو ته 22.8 ملين ٻار اڃان تائين اس??ول کان ٻاهر آهن، جن ۾ نياڻين جي اڪثريت آهي. پاڪستان جا سمورا صوبا ۽ ٻيا علائقا ٻارن جي اس??ولن ۾ داخلا جي حوالي سان جامع ڪوششون ڪري رهيا آهن پر ڪن سببن جي بنياد تي اس??ولن ۾ نياڻين جي داخلا هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڪانفرنس ۾ اسلامي ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. و??ير??عظم چيو ته نياڻين جي تعليم جي هدايت اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم به ڪئي. ان تعليم جي روشني ۾ اسان جي حڪومت ٻين ملڪن جي تعليم وارن وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي خاندانن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪنديون. و??ير??عظم محمد شهباز شريف مسلم ملڪن جي وزيرن سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو تعارف ڪرائيندي چيو ته نائب و??ير??عظم جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ سندس پوري ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي تعليم، خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن کي مدد به فراهم ڪري رهي آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي هڪ اهم موقعو آهي ته اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌائي انهن کي استحڪام ڏيون. تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مقبول صديقي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ منعقد ڪرڻ جي حوالي و??ير??عظم جي ڪردار تي پنهنجي ۽ پنهنجي پوري ٽيم کانسواءِ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن طرفان به ٿورو مڃيو. ترڪيه جي تعليم واري وزير ڪانفرنس ڪرائڻ تي و??ير??عظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ سان نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ناڪاري پروپيگنڊا جو به ازالو ٿيندو ۽ نياڻين جي مٽاسٽا جي شرح ۾ واڌ ٿيندي. ملاقات ۾ شريڪ صوماليه جي وزير پنهنجي تعليم دوران پاڪستان ۽ پاڪستان جي ترقي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پوري عالم اسلام ۽ خاص ڪري صوماليه ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان مسئلا آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ به ٻارن جو وڏو انگ اس??ولن کان ٻاهر آهي، مان ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيان. هن چيو ته مسلم امت جي حوالي سان پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ڪرغزستان جي تعليم واري وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪانفرنس ۽ ان جي اي??نڊا انتهائي ا??م آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن مسلم ملڪن لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي ۽ اسان سڀني ملڪن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملائيشيا جي تعليم واري وزير چيو ته پاڪستان جي و??ير??عظم، تعليم وارو وفاقي وزير ۽ رابطا عالم اسلامي اهم ڪانفرنس ڪرڻ تي مبارڪن جا حقدار آهن. هن چيو ته هي ڪانفرنس تعليم ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. موجوده حالتن ۾ نياڻين جي تعليم وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي، هن ڪانفرنس کي و??ير??عظم جي خطاب کي به ساراهيو. مالديپ جي تعليم واري وزير ??ميم علي سعيد ڳالهائيندي چيو ته مان پاڪستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. گمبيا جي تعليم واري وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ميزباني تي ٿورو مڃيندي چيو ته هي ڪانفرنس نياڻين جي تعليم جي حوالي سان انتهائي ا??م آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جي بندوبست سان تعليم جي حوالي سان مسلم امت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. مالديپ جي ڊاڪٽر احمد عديل اخير ڪانفرنس تي و??ير??عظم، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو ته دنيا ۾ اسلام جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستان هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي ڪانفرنس به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪريان ٿو، هن چيو ته و??ير??عظم ڪانفرنس کي خطاب ۾ هدفن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان ٻين ملڪن سان سهڪار جا خواهشمند آهيون. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ، قانون وارو وفاقي وزير ??ينيٽر اعظم نذير ??ارڙ سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا.
عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز