اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ پي آءِ اي سان مذاق ڪيو ويو، اس??ام آباد ۾ ناڪام احتجاج کانپوءِ پي ٽي آءِ هٿ ??وڪي پروپئگنڊه جو سهارو ورتو، جڏهن ڪرم ۾ لاش پيا هئا ته علي امين گنڊاپور وفاق تي لشڪرڪشيءَ ۾ مصروف هو. قومي اس??مبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته قوم کي مبارڪ هجي ته پي آءِ اي جون يورپ جي لاءِ فلائيٽس بحال ٿيون آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ هن ئي ايوان ۾ ان??ن جي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي تي ڳالهه ڪئي ته پوري دنيا ۾ نيشنل ڪيريئر تي سوال اٿيا، پي آءِ اي جي فلائيٽس تي پابندي لڳي، الله جو فضل ??هي ته موجوده دور ۾ پي آءِ اي جون فلائيٽ بحال ٿيون آهن. ان??ن جيڪو ڏوهه ڪيو هو موجوده دور ۾ ان جو ازالو ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان??ن کي پي آءِ اي تي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته ان??ن جي دور ۾ ڪهڙا معاملا ٿيا هئا. هن چيو ته ڪرم جي معاملي تي علي امين گنڊاپور سان رابطو ڪري وٺن، امن امان جي ذميواري صوبائي سبجيڪٽ آهي، امن امان جي لاءِ اسان حاضر آهيون، پر جڏهن ڪرم ۾ لاش پيل هئا ته هي اس??ام آباد تي لشڪرڪشيءَ ڪري رهيا هئا، ڪاش ان وقت ان??ن ڪرم جو دورو ڪيو هجي ها، اتي امن امان تي ڌيان ڏنو هجي ها ته اڄ هتي احتجاج ڪرڻ جي نوبت نه اچي ها. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي بار بار لاشن جو ذڪر ڪري رهيا آهن، هڪ نمبر ٻڌائي ڇڏين، ان??ن کي پاڻ ئي خبر نه آهي ته ڪيترا لاش آهن، جڏهن اصل انگ معلوم ناهي هوندي ته ڪوڙ ڦهلايو وڃي ٿو. ان??ن جا 10 اڳواڻ 10 مختلف انگ اکر پيش ڪري رهيا آهن، ان??ن ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو، ان کان بچڻ جي لاءِ بار بار ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهيا آهن.
پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ پي آءِ اي سان مذاق ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ ناڪام احتجاج کانپوءِ پي ٽي آءِ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه جو سهارو ورتو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل