اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي تازي پاڪستان جي دوري ۾ ٻنهي ڌر??ن باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، واپار، توانائي ۽ سلامتي تي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ سرحدي انتظام ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پ??يس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير 4 ک??ن 5 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هن وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 آڪٽوبر تي ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڌر??ن وچ اوڀر ??ي صورتحال ۽ غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ فوجري جنگبندي، بنا روڪ انساني امداد ۽ فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
ايران جي پرڏيهي وزير جي تازي دوري ۾ ٻنهي ڌرين رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا