اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) چيف جسٽس پاڪستان/چيئرمين نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ آن لائن اجلاس ٿيو. لا اينڊ ج??ٽس ڪميشن آف پاڪستان جي جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ 2 نومبر تي لاهور ۾ جيلن جي سڌارن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم، جس??س شمس محمود مرزا سان پنجاب جي جيلن جي انتظامي جج/مانيٽرنگ جج، اڳوڻي جج جس??س شبر رضا رضوي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي نمائندگي ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ، سيڪريٽري هوم اينڊ پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ، پنجاب، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس ۽ جيل کاتي پنجاب، آئيني ۽ انساني حقن جي وڪيل آمنه قادر، سينيٽر احد خان چيما ۽ خديجه شاهه به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، آمنه قادر کي جيلن جي سڌارن باب?? ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر نامزد ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته هوءَ احد خان چيما ۽ خديجه شاهه سان ڪميٽي جي ٽي او آرز موجب جيلن جو دؤرو ڪري. پنجاب جي جيلن ۾ فوجداري نظام انصاف جي ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي وڃي. هن زور ڀريو ته سمورين ڌُريون خاص طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ، لا اينڊ ج??ٽس ڪميشن آف پاڪستان، پوليس ۽ جيل کاتي جي ذيلي ڪميٽي کي سهولتون فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل ادارن کي به چيو ته هو فوجداري انصاف واري نظام ۾ بهتري جي حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪن. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته رپورٽ مڪمل هئڻ کانپوءِ ڄاڻا??ل رپورٽ جس??س شبر رضا رضوي سان شيئر ڪئي وڃي جنهن کي ڪميٽيءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. چيف جسٽس لا اينڊ ج??ٽس ڪميشن آف پاڪستان کي ذيلي ڪميٽي جي ميمبرن کي مڪمل لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ آن لائن اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری