اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پ??ڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي دنيا جي ٻين ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ مصنوعات جي م??يا?? کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان پاڪستان حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته لاڳاپيل تنظيمون، اعليٰ ترين عالمي م??يا??ن تي عمل پيرا ٿيندي جٽادار اقتصادي ترقي ڏانهن پاڪستان جي سفر کي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق م??يا??ن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ پاڪستان ۾ به سڄي دنيا سميت م??يا??ن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏجي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ مصنوعات جي م??يا?? کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ته جيئن مقامي صنعت ۾ چٽاڀيٽي کي هٿي ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته انٽر نيشنل آرگنائيزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيشن (آءِ ايس او) طرفان هن سال جو موضوع ”هڪ بهتر دنيا لاءِ گڏيل نقطه نظر“ مينيوفيڪچرنگ ۽ سروسز ٻنهي شعبن جي ڪاميابين کي اڳيان وڌائڻ ۾ اعتماد جي ضروري ڪردار جي نشاندهي ڪري ٿي. هي موضوع اسان کي عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي مصنوعات جي چٽاڀيٽي جو جائزو وٺڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. هن چيو ته عوامي تحفظ، صحت ۽ ماحوليات جي حوالي سان اسان جي وابستگي مطابق مون کي اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته پ??ڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاڪستاني شهرين جي زندگي جي تحفظ لاءِ آٽوموٽو گاڏين لاءِ سخت حفاظتي م??يا?? مقرر ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته هتي اهو امر ذڪر جوڳو آهي ته پي ايس ڪيو سي اي کاڌي جي مصنوعات ۾ صنعتي طور تيار ڪيل ٽرانس فيٽي ايسڊز (آءِ ٽي ايف اي) تي 2 سيڪڙو جي حد مقرر ڪئي آهي، جيڪو پاڪستان ۾ دل جو مرض گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته جامع ۽ اثرائتن م??يا??ن ذريعي اهي ڪوششون ماڻهن جي فلاح ۽ ڀلائي جي ترجيح لاءِ اسان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته پ??ڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي جو سڌي ريت تعلق اسان جي شين ۽ خدمتن جي عالمي م??يا??ن تي پورو لهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته انهن م??يا??ن جي پاسداري پاڪستاني مصنوعات تي عالمي صارفين جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. سڄي دنيا ۾ اسان کي ڪاروبار لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ جٽادار اقتصادي ترقي کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته انهن م??يا??ن کي اپنائڻ سان مقابلي جو فائدو آهي جن??ن سان ڪاروباري ادارن کي بهتر تنظيمي ۽ مينيوفيڪچرنگ جي عمل ذريعي صارفين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لائق بڻائي سگهجي ٿو، مون کي يقين آهي ته هن سال عالمي م??يا??ن جي ڏينهن جون تقريبون، م??يا?? جي اهميت بابت سجاڳي پ??دا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته چٽاڀيٽي چيئلينجز جي هن دور ۾ حڪومتن، صنعتن ۽ ڪاروباري برادرين لاءِ سڄي دنيا ۾ صارفين جي اطمينان کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙي طرح جي آگاهي تمام ضروري آهي. وزيراعظم چيوته مان پاڪستان حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيان ٿو ته لاڳاپيل تنظيمون اعليٰ ترين عالمي م??يا??ن تي عمل پيرا ٿيندي جٽادار اقتصادي ترقي ڏانهن پاڪستان جي سفر کي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون.
پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن