اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آ??ي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آه??، اسرائيلي قابض فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي انساني قانون جي واضح خلاف ورزي آ??ي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام انساني زندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آه??. ترجمان چيو ته اسان گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض ف??ج کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏ??هن تي جوابده بڻائي.
پاڪستان پاران خان يونس اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان