راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ طارق ف??ل چوڌري، وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪري ره??و آهي، ان کان اڳ ڳالهه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهين کان پوءِ سمورن معاملن کان آ??اهه ڪيو ويندو، اسان طرفان ڳالهين جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري ملڪ ۾ موجود ناهي، هو چين ويو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳالهائينداسين، جماعت اسلامي جا بلن بابت معاملا آهن انهن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفي?? کي اڳ ئ?? 50 ??رب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري ره?? آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪيو ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. انهن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري بجلي پيدا ڪري بجلي جي قيمت?? کي گهٽ ڪرڻ آهي.
حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون، جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ويهي ڳالهائينداسين، انهن جا خدشا ختم ڪنداسين: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania