اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين زهانگ بن جي قيادت ۾ چيني ڪمپني هينگينگ ٽريڊ??گ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته ??نهنجي چين جي تازي دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ وڏي پئماني تي بزنس ٽو بزنس معاهدا طئي ٿيا جيڪا انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته ??اڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. وزيراعظم گوادر پورٽ اٿارٽي کي چيني ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ ۽ گوادر فري زون ۾ يوٽيلٽيز جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وفد وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ??ينگينگ ٽريڊ??گ ڪمپني پاڪستان ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، دوائن ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، هينگينگ ٽريڊ??گ ڪمپني 50 ملين ڊالر جي لاڳت سان گوادر ۾ جديد سهولتن سان ليس ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) تعمير ڪري رهي آهي، ڪوس گهر جي تڪميل سان پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان چين کي 30 ملين آمريڪي ڊالر تائين ساليانو جي برآمدات ٿيندي، ڪوس گهر ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??ينگينگ ٽريڊ ڪمپني فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي گوادر فري زون ۾ پراسيس ڪري چين کي برآمد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو