اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پاڪست??ن جو مرڪزي ترقياتي ??صيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سان ملاقات دورا?? ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وفاقي وزير ک?? اطلاعات واري وزارت سان گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پائيدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪست??ن جو مرڪزي ترقياتي ??صيدار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو.
ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha