اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون سار??هه جوڳيون آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ات??اق راءِ سان هر سال 24 جون تي سفارتڪاري ۾ عورتن جي ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نائب وزيراعظم ”ايڪس“ تي ??نهنجي ٽائيم لائين تي ??کيو ته ملڪ ??ي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪاري جي ميدان ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شائسته اڪرام الله، محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عورت سارتڪارن جي لاءِ ر??هه هموار ڪئي جيڪي عالمي سطح ??ي وقار سان گڏ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيون آهن. نائب وزيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انهن جي خدمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.
سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج